ڏيئا ڏات جا

ڏيئا ڏات جا

ڏيئا ڏات جا

ڏيئا ڏات جا (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، قطعا، بيت، دوها شامل آهن . هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب تاج جويي لکيو آهي. ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين حصي ۾ شاعري ۽ ٻئي حصي ۾ شاعر تي مختلف اديبن ۾ محمد ابراهيم جويو، امر جليل، تاج جويو، بدر قريشي، حاجي خان ڪيريو، مير محمد پيرزادو، نور الدين سرڪي، راشد مورائي، معشوق ڌاريجو، رکيل مورائي وغيره جا تاثرات ڏنل آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ناليواري قومپرست خاڪي جويي جو تاثر آهي. 207 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن پڪي جلد سان ڪتاب جي قيمت 130 رپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1976ع ۾ سنڌ اشاعت گهر سڪرنڊ شايع ڪيو هو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 1997ع ۾ شايع ڪرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو